ڄام بايزيد سمو

ڄام بايزيد سمو: جڏهن ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سنڌ جو بادشاهه بڻيو ته هن سنڌ ۾ ابتريءَ واري نظام کي بلڪل ختم ڪيو، جنهن سبب ڄام بايزيد ڄام نظام الدين کان ناراض ٿي، سلطان حسين لانگاهه وٽ ملتان ۾ وڃي پهتو. سندس تمام گهڻي عزت ۽ تعظيم ٿي ۽ ڄام بايزيد جي ڪري ئي ڄام ابراهيم کي پڻ عزت ۽ تعظيم ملي. سلطان حسين لانگاهه پنهنجن علائقن مان شورڪوٽ جو علائقو ڄـام بايزيد ۽ اُچ جـو عـلائقـو ڄام ابراهيم جي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ’سمن جي سلطنت‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ڄام سنجر کانپوءِ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سنڌ جو والي بڻيو. نامور محقق مولائي شيدائيءَ، ڄام ابراهيم ۽ ڄام بايزيد کي ڄام نندي جا ڀائر لکيو آهي. حقيقت ۾ هي ٻئي درٻاري امير هئا ۽ انهن جو شاهي خاندان سان ڪو به واسطو نه هو. ڄام نندي جي دؤر ۾ ڄام بايزيد نـاراض ٿي سـلـطـان حسـين لانگاهه وٽ مـلـتان پهـتو، جـتي حـسين لانگاهه ڄام بايزيد کي جاگيرون ۽ اهم عهدا ڏنا. ڄام بايزيد ملتان ۾ مدرسن جو بنياد رکي عالمن اديبن ۽ شاعرن جي سرپرستي ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو